SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


United Nations Population FundUNFPA

(click word to listen sound
  • 🔊
  • juːnaitid
  • næʃənz
  • pɔpjuleiʃən
  • fundunfpa
  • )

From the Dictionary of International Relations:

United Nations Population FundUNFPA

يونائيٽيڊ نيشنس پاپُوليشن فنڊ

گڏيل قومن جو آباديءَ وارو ادارو

عورتن ، مردن ۽ ٻارن سميت سموري انساني آباديءَ کي معياري ۽ سُکي زندگي مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جو هي ادارو11- جولاءِ 1967ع تي United Nations Fund for Population Activities ) جي نالي سان قائم ڪيو ويو، جيڪو اڄ به ‘جنرل اسيمبليءَ’ جي نگرانيءَ ۾ انساني ڀلائيءَ (خاص ڪري پوئتي پيل طبقن) جي سلسلي ۾  United Nations Development Fund جي نئين نالي سان (1987ع کان) جاکوڙي رهيو آهي . ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي آباديءَ جي تناسب جي جائزي ، آدمشماريءَ ۽ عالمي معيار جي ڪيل ڪٿ مطابق صنفي ۽ طبقاتي متڀيد مٽائڻ ، اقليتن کي گهربل حق ڏيارڻ ۽ غُربت گهٽائڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ اُپاءَ وٺڻ لاءِ اڳڀرائي ڪري ٿو. هن. اداري جي اهم مقصدن ۾ دنيا جي هر ٻار جي ڄم کي محفوظ بڻائڻ ، ماءُ کي ويم دوران سهائتا/ سهولت ڏيڻ ، انساني آباديءَ کي ‘ايڊز’ سميت جنسي مرضن کان بچائڻ ۽ هر نياڻيءَ/ عورت جي عزت ۽ وقار کي محفوظ ڪرڻ سميت اهي سڀ نُڪتا شامل آهن ، ته جيئن ڪمزور ۽ ٿورائيءَ تي ٻڌل انساني آباديءَ جي ڀلائي ممڪن ٿي سگهي . ان سلسلي ۾ انساني نسل جي حفاظت ڀري افزائش جي سلسلي ۾ رياستي سطح تي ٿيندر رٿابنديءَ ۽ قانون سازيءَ تي زور ڏيڻ ، پوئتي پيل آبادين جي ترقيءَ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امدادي سهڪار آڇڻ ۽ مهاجر آباديءَ ، پوڙهن ، معذور۽ نٻل انسانن جي پُٺڀرائيءَ سميت مختف اڳڀرايون ڪيون وڃن ٿيون. هي ادارو دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن ۽ جاين تي پنهنجو سهڪار آڇيندي تمام گهڻين رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي


Remember Me Also:

گهري

ث . ٻيڙيءَ جي رسي وَٽڻ لاءِ ميربحرن جي ڪم ايندڙ ڪاٺ جو اوزار. ک. حُقي جي پتل واري نلي يا نڙي، جنهن ۾ نَڙ پوي. ڪ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal